راڻي جي ريل ۾ ڪو گدرو ڪچو ڪو پڪو

راڻي جي ريل ۾ ڪو گدرو ڪچو ڪو پڪو (راند): هن راند ۾ هڪڙو واپاري ۽ ٻيو گدرو وڪڻڻ وارو، هڪ مالهي ۽ ٻيا سڀ ڇوڪرا اونڌي منهن گدرو ٿي سمهندا آهن. پوءِ واپاري چوندو آهي:
ڪانءَ ڙي ڪانءَ! سي سمر ٻڌان، ماهيو کير پيان،
راڻي جي ريل ۾ ڪو گدرو ڪچو، ڪو پڪو؟
مالهي چوندو آهي: گدرا سڀئي ول ۾ پيا آهن، ڏسي وائسي چونڊي کڻ. پوءِ واپاري هر ڇوڪر جي پٺ تي لت رکي زور ڏيندو، جنهن ڇوڪري وڏي رڙ ڪئي ته چوندو: ”هيءُ ته ول ۾ ڪچو پتو آهي”، جنهن ڪنجهه ڪيائين ته چوندو: ”هيءَ ڪڪوريل آهي“ جنهن وڏو ساهه کنيو ته چوندو: ”هيءُ ڪُرٽ آهي.“ ڪنهن زور سان ڪنڌ مٿي کنيو ته چوندو هي ”سرٽ آهي“، جيڪو نه چريو ۽ نه ئي ڪا دانهن ڪئي ته چوندو ”هي آهي پڪو گدرو، ول مان ڇني ڌار ڪر.“ ائين اهو ڇوڪر ٻاهر بيهندو ۽ وري نئين سر کان جهُڪيل ڇوڪرن تي زور ڏيڻ شروع ڪندو. تان جو راند وڃي ختم ٿيندي. هن راند ۾ زور برداشت ۽ ساهه سُڪ ڪرڻ جي عادت ٿي پوندي آهي. هيءَ راند گھڻو ڪري ڇوڪرا يا ڇوڪريون چانڊوڪي راتين ۾ کيڏندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو